سنــڌو درياءُ (Indus River)

سُــــــنڌو درياءُ جنھن جي ڪري سنــــڌ تي نالو پيو آھي. تہ سنـــــــڌو درياءُ جي حوالي سان آئون چئن نڪتن تي ڳالھائيندس تہ

 سُــــــــنڌو درياءُ جي باري ۾ تاريخي مذھبي ڏند ڪٿائي ۽ مِــــيٿالاجي ۽ ادب ۾ ڪـــــٿي ڪـــٿي اسان کي ذڪر ملي ٿو.

ٻئي ڳالھ تہ سنـــــــڌو درياءُ جي سروي جو ڪھڙيون ڪھڙيون ڪوششون ٿيون آھن تاريخ ۾،

ٽئي ڳالھ تہ سُـــــــنڌو درياءُ ۾ مُــــنڊ کان وٺي ڇـــــوڙ تائين سُـــــنڌو درياءُ جا تفصيل ڪھڙا آھن. ڇوٿئين ڳالھ تہ سُــــــنڌو درياءُ ۾ جيڪي بہ نديون اچي ڇـــــــوڙ ڪن ٿيون انھن جا ڪھڙا ڪھڙا تفصيل آھن،

سُــــــنڌو درياءُ ءِ ٻين درياھن بابت مُــقدس ڪتابــن ۾ ذڪــر

سڀ کان پھرين اسان ننڊي کـــــــنڊ جي ديـــــومالائي ادب يا مذھــــــبي ادب يا تاريخي ادب کي جڏھن جائزو وٺون ٿا. تہ پتو پوي ٿو تہ ھـــندي مذھب جا چار مُــــقدس ترين ڪتاب آھن. 1، رگ ويد 2، سام ويد 3، يج ويد 4، اٿـــــر ويد جنھن مان سڀني کان آڳاٽــــو ڪتاب رگ ويد آھي. ماھرن جي تجربي مطابق رگ ويد جي ڄمار تقريبن ٽي کان ساڍا ٽي ھزار سال پراڻي آھي. رگ ويد ۾ سُـــــــنڌو درياءُ جي شان مطلق ڪيترائي شعر آھن. تقريبن ھڪ سؤ جڳھن کان وڍيڪ رگ ويد ۾ سُنڌو جو ذڪر آھي. ۽ رگ ويد مان ئي خبر پوي ٿي ته سنــــــڌو درياءُ ۾ مختلف نديون اچي پاڻي ڇُـــــوڙ ڪن ٿيون. جنھن ۾ ڪرشــــتما ندي، سَــــستو ندي، سويِــــتي يعني سوات ندي، ڪُمـيبا يعني ڪابل ندي، گومئتي يعني گومل ندي ءِ ميٿنو ندي شامل آھن. ھي خود رگ ويد مان خبر پوي ٿي ۽ ٻئي ڳالھ تہ ديومالائي ادب ۾ اھو چيو ويو آھي. تہ ھماليا جي پھاڙن مان چئن مُــــختلف جڳهن تان چار وڏا درياءُ وھي نڪرن ٿا. جنھن ۾ سنـــــــڌو درياءُ شينھن جي وات مان وھي ٿي اھا مُــــختلف طرفن ۾ ھلي ٿي. پر اتر طرف کان شينھن جي وات مان سُــــــنڌو درياءُ نڪري ٿو. اولھ کان ستلج درياھ نڪري ٿو جيڪو ھاٿي جي وات مان آھي. ڏکڻ مان مُــــــور جي چھنب مان ڪرنالي ندي نڪري ٿي جيڪي اڳتي وڍي ڪري گنگا م ڇوڙ ڪري ٿي. ۽ اولھ مان گـــــھوڙي جي وات مان برھمپــــــترا ندي ڪري ٿي. ھي ھڪڙو ميٿالاجيڪل وَيو آھي جيڪو تاريخي طور تي ھلي پيو.

سُــــــنڌو درياءُ جو مُــنھن

تبـــــت جي رھاڪن جو اھو خيال آھي تہ ڪيلاش پربت ڌرتي جي وچ آھي جنھن تي ھزارين ديوتا ۽ ديويون ۽ فطرت جو مقدس هستيون ۽ خود مھاتما ٻُــــــڌ پنھجي ڀڪشوئن سميت رھي ٿو ۽ سُــــــنڌو درياءُ جو جيڪو مُـــــنڊ آھي اھو مسرور ڍنڍ مان نڪري ٿو اھڙو ئي عقيدو مسلمان جو ب آھي جيڪي چون ٿا تہ مـــــڪو پاڪ ڌرتي جو وچ آھي ۽ ڪُــــعبت الله مرڪز آھي. عام راء اھا تہ سنڌو درياءُ مانسرور ڍنڍ مان نڪري ٿو ۽ مانسرور ڍنڍ جيڪا نِـــــيپال جي ڪُــــــنڊ ۾ تبت جي سرحدن ۾ واقع آھي تــــبت جو اھو ڏکڻ آھي جتي ڪِيلاش پربت آھي ۽ ڪِيلاش پربت جي اوچائي 8714 ميٽر آھي. ڪِيلاش پــــــھاڙ جو رنگ گھيرو واھنڱڻائــــي آھي شاھد انڪري ھندي ادب ۾ سنسڪرت ۾ گــــھرو واڱڻائي رنگ پري کان ڪارو رنگ نظر اچي ٿو جنھن کي ڪارو چيو وڃي ٿو. ٻيو جيڪو ديومالائي ادب ۾ مذھبي مُــــــقدس الھامي ڪتابن ۾ خاص طور تي چئن درياھن جو ذڪر آھي جنھن ۾ نيل، دجلا، فرات ۽ سيھون ندي جنهن مان مـــــورخن جو خيال آھي تہ سيُـــھون ندي سنڌو درياءُ جو نالو آھي. سُـــــنڌو درياءُ جو تاريخي طور تي سروي ڪرڻ جو ڪھڙيون ڪھڙيون ڪوششون ٿيون آھن

سُــــــنڌو درياءُ جي سروي

سڀ کان پھرين اسانجي جيڪا تاريخي معلومات آھي انھي مطابق ايراني شھنشاھ دارا اول جي دؤر ۾ 685 کان 521 قبل مسيح انھي جي دؤر ۾ يونان جي شھري اسڪائيلس کي مقرر ڪيو ھيو جيڪو ڪاسپارت شھر جي پريان ھڪڙي ندي جي سنگم مان سُــــــــنڌو درياءُ مان نڪتو انھي سڄو سروي ڪيو انھي جي رپورٽ کان پوءِ دارا اول ســـــــنڌ کان وٺي مِــــــصر تائين حملا ڪري سمورو علائقا پنھجي قبضي ۾ ڪيا، ھـــــــيرڊوگس جي مُـــــطالعي مطابق اسڪائيلس جو اھو سفر گندارا صـــــوبي جي شھر ڪاسپتور کان شروع ٿيو جيڪو پشاور جو نالو آھي. پـــــــشاور کان ھيٺ سوات ندي سُــــــنڌو ۾ ڇوڙ ڪري ٿي لڳ ڀڳ ائين چئي سگهجي ٿو تہ اھو سفر اتان کان شروع ٿيو ايسٽ انڊيا ڪمپني آزاد حڪومت ٽالپرن سان جيڪي معاھدا ڪيا انھن ۾ 1831 عيسوي ۾ مھاراجا رنجيت سنگهه تائين انگريزن سُـــــــــوکڙيون پھچائڻ لاءِ ٺاھ ڪيو ويو جيڪو درياھ جي ذريعي سفر ڪيو ويو انھي حساب سان انھن سروي ڪيو درياءُ جو، 1832 ۾ ڪرنل پاٽينجر کي لاڙ جي علائقي ڏانھن سروي ڪرڻ لاء موڪليو ويو انھي سروي ڪيو پر آخري ڪاميابي ڊيوگورڊس کي ملي ھئي. انھي کان علاوه سُـــــــــنڌو درياءُ جا وڻجارا واپاري جيڪي سموري دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن ويندا رھيا سمنڊن ذريعي سفر ڪندا ھئا درياھن مان پوء سُــــــمنڊن مان مختلف ملڪن ڏانھن ۽ شاھ لــــطيف جي شاعري انھي ڳالھ ڪافي شاهديون ڏئي ٿي. ۽ سُــــــنڌو درياءُ جي حوالي سان انھي جي مُـــــنڊ جي حوالي سان ۽ ڇــــوڙ جي حوالي سان برطانيا سرڪار پنھنجي سروي ڊپارٽمنٽ جا ڪيئن ڪامورا موڪليندي رھي.

Stratechy

WH Jonson

E. Kunningham

Shaling Wat brothers ھي نِـــــــمائنده شامل آھن. 1811 ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ھڪڙو ملازم ويلـــــيئم مور ڪرافٽ وڃي ڪِـــيلاش وٽان نڪتو،

سُــــــنڌو درياءُ ءِ ھــمالِيا جا گليشيئر

1860 ڌاري انگريز سرڪار ٽرنگلمينٽيڪل سروي آف انڊيا ڪيو. سنُــــڌو ۽ برھمپــــترا جي مُــــنھن جي کوجنا ڪرڻ لاء سوئيڊن جو ھڪڙو جاکوڙي نوجوان سوين ھيڊن 1907ع ۾ مانـــسرور ڍنڍ تائين وڃي پھتو پوءِ انڊس ايڪسيپڊشن جي نالي سان 1989 ھڪڙي سُــــنڌو تي مھم جوئي ڪئي وئي جنھن تي ھڪڙو ڪتاب سُــــنڌو جو سفر بدر ابڙي جو لکيل آھي. ۽ حڪومت پاڪستان پاران مختلف وقتن تي سروي ڪرايا ويا آھن ۽ بي بي سي جي ھڪڙي ٽيم پڻ سُــــنڌو درياءُ جو سروي ڪيو جنھن جو حوال شـــــير درياءُ اردو ۾ ڪتاب آھي.

ھاڻي اسان سُـــــنڌو درياءُ جي باري ۾ جديد سائنسي تحقيق ڇا ٿئـــــي چوي انھي نقطي تي ڳالھائيندسين تہ برٽــــينڪا ورلڊ ايٽلس ۽ آڪسفورڊ ورلـــــڊ ايٽلس  مطابق تہ سُـــــنڌو درياءُ جو مُـــــنڊ مانسرور ڍنڍ مان ناھي تہ مانـــــسرور ڍنڍ کان پنجاھ ڪلوميٽر اڳيان جيڪي گليـــــشيئر آھن برفاني پھاڙ آھن انھن مان جيڪو پـــــاڻي ڳِـــــڙي ٿو اتان کان شرووعات ٿئي ٿي. سُــــــنڌو درياءُ شروع کان وٺي آخر تائين تقريبن 1165000 ھم چورس علائقي کي پاڻي ڏئي ٿي جنھن مان 453000 اسڪوائر ڪلوميٽر ھـــــماليا ھـــــندوڪش ۽ قراقــــرم جي پـــــــھاڙي علائقن ۾ آھي. جڏھن تہ 712000 اسڪوائر ڪلوميٽر باقي پاڪستان جي علائقن ۾ پاڻي ڏئـــي ٿي. ھماليا جي ڊيگھ اوڀر کان اولھ طرف 2500 ڪلوميٽر آھي ويڪر اُتر کان ڏکڻ 400 ڪلوميٽر آھي انھي جي چوطرف گليشيئر آھن. تہ گليشيئر ڇا آھن ھماليا جي گليشيئر جو سڀ کان پھريون اڀياس آمريڪي سائنسدانن ڪيو ھو ٻن سائنسدانن 1812 ۾ انھن جيڪا تحقيقي ڪئي انھي مطابق ھماليا جي گليشيئر جو ڪل تعداد 5200 آھي جنھن 3538  ۾ صــــرف سُــــنڌو درياءُ ۾ مُـــنڊ ۾ ملن ٿا جڏھن تہ 1020 گليشيئر گــــنگا جي وات ۾ 662 برھمہترا جي طاس ۾ مليا آھن. جيالاجِـــيڪل سروي آف انـــڊيا مُــــطلق اھي سمورا گليشيئر تقريبن 38000 اسڪوائر ڪلوميٽر جي ايراضي تي پکڙيل آھن

سُـــنڌو درياءُ جي وھـڻ جو رسـتو

۽ سُــــنڌو درياءُ تبــــت جي ڏکڻ اولھ علائقن مان پنج هزار پنج سو مِــــيٽر کي اوچائي تان وھـــــڻ شروع ڪري ٿو. اڳتي ھلي ڪري پاڪستان پھچڻ کان اڳ ۾ ڀارت جي ڪشمير واري علائقي لُـــــداخ ۾ اچي ٿو. اتان کان زاخــــسر ندي انھي سان ملي ٿي. پوءِ وري پاڪستان جي ڪشمير جي علائقي مان ھنــــزا گِــــلگت ۽ شنگھا نديون اچي گڏجن ٿيو. انھي کان علاوه ڪابل ندي، سوات ندي اچن ٿيون. پنجاب جا پنج درياھ جيڪي آھن راوي، چناب، ستلج، جھلم ءِ بياس انھن مان راوي ۽ جھلم چَـــناب سان ملن ٿا ۽ بياس اچي ستلج سان ملي ٿو انھي کانپوءِ چناب ۽ ستلج ضعلي مظفر ڳڙهه جي پنجند علائقي م اچي پاڻ ۾ گڏجن ٿا ۽ پنجاب جو پــــنج ئي نديون 44 ڪلوميٽر اڳتي ھلي ڪري مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياءُ ۾ شامل ٿين ٿيون  اڳتي سُــــنڌو درياءُ سُــــــنڌ جي حدن ۾ شامل ٿئي ٿو. پوء وڃي ڊيلٽا جي علائقي تائين پھچي ٿو ھندي سمنڊ ۾ ڇُـــــوڙ ڪري ٿو. اھو ڊيلٽا جو علائقو 7800 اسڪوائر ڪلوميٽر تي مشتمل آھي. سامونڊي پٽي جيڪا سنــــڌو درياءُ ٺاھي ٿو اھا 218ڪلوميٽر آھي. تہ مُـــــنڊ ۾ جتان برھمــــــپترا ســــــنڌو ۽ گنگا وھن ٿا تہ اتي گنگا ۽ برھمپــــترا جي طاس ۽ سُــــــنڌو جي طاس معني جيڪو مُـــــنڊ آھي انھن ۾ 60 ڪلوميٽر جو فرق آھي پر پوءِ گنگا برھمپـــــــترا اوڀر طرف ھيٺ وھن ٿا ۽ سُــــــنڌو درياءَ ڏکــــڻ اولھ طرف ويھي ٿو. جيڪڏھن مھل چوڙ ڪن ٿا تہ سنمڊ ۾ ھڪ ھزار ڪلوميٽر جو مفاصلو اچي ٿو وڃي.

سُـــنڌو درياءُ ھماليا جي تمام اوچائي پھاڙن کان وھي ٿي. ۽ آھستي آھستي ھن جي اوچائي گھٽجــــندي اچي ٿي تان جو اچي ڪالاباغ تائين آخري اوچائي سنڌو جي خٽڪ تائين.

سُــــنڌو درياءُ ۾ ڪھڙيون نديون ڇوڙ ڪن ٿــيون

سُــــنڌو درياءُ ۾ پاڻي جا جيڪي بہ ذخيرا ھاڻي آھن. مطلب تہ ٻِــــن طريقن سان اچن ٿا ھڪڙو ذريعو گليشيئر آھن. ٻيو ذريعو مُـونسون جون برساتون ٻين لفظن ۾ تہ آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ سُــــنڌو درياءُ ۾ پاڻي گھٽ ھوندو آھي ٿڌ جي ڪري گليشيئر گــــھٽ ڳرندا آھن. ۽ مارچ کان پوءِ گرمــــي شروع ٿيندي آھي تہ گليشيئر ڳرڻ شروع ٿيندا آھن. درياءُ جي پاڻي جي سطح وڍندي آھي. پـــــوءِ مونسون جي بارشن دوران جون جولائي ۾ درياھ جي سطح اوچائيءَ تائين اچي ويندي آھي. آخر ۾ اھو ٻڌائيندا ته سُــــــنڌو درياءُ ۾ ڪل ڪيتريون نديون اچي ڇوڙ ڪن ٿيون

1   Zaskar River

2  Shyok River

3  Shiger River

4  Kabul River

5  Hunza River

6  Sawat River

7  Nobra River

8  Gomel River

9  Ravi River

10  Chenab River

11  Jhelum River

12  Sutlej River

13  Bias River

تيرنھن درياءُ سُـــنڌو درياءُ ۾ مختلف علائقن کان پاڻي ڇوڙ ڪن ٿا. پوء سڄو پاڻي کڻي اچي سُـــنڌو درياءُ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. يعني انھن کي اڃان به سادن لفظن ۾ بيان ڪجي ته سُــــنڌو درياءُ جي پاڻي جو معاملو صرف ســـنڌ، پنجاب يا پاڪستان، ھندستان جو اُشــــو ناھي. تہ انھيءَ ۾ مُـــنڊ کان وٺي پُـــــوڇڙ تائين چار رياستون چار ملڪ ملوث آھن. يعني ته چين مطلب تبت جي حوالي سان، افغانستان ڪابل ندي جي حوالي سان، ڀارت ۽ پاڪستان جو ھي پورو علائقائي اشو آھي. جيڪو توھان جي آڏو مون رکيو آھـــي سُـــــنڌو درياءُ جي حقيقت بابت وڊيو ۾.

ڊاڪٽر مـير عالم مَـري

Title of History and territorial facts of Indus River by Dr Mir alam Mari Interesting facts of Indus Civilization

What do you think?

Your email address will not be published. Required fields are marked *

No Comments Yet.