ڪامريد حيدر بخش جتوئي

انھيءَ مھان شخصيت کي سنـڌ جي عوام قومي ۽ طبقاتي جدوجھد جي ڪري ان جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري محبت ۽ عقيدت وچان باباءِ ســــــنـڌ جو خطاب ۽ لقب ڏنو ته آئون اڄ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شخصيت ۽ جھدوجھد تي ڳالھائيندس ڇاڪاڻ تہ 21 مئي سندس ورسي جو ڏينهن جو آھي انھي مناسبت سان.

حيدر بخش جتوئي والد اللھ داد خان جتوئي ۽ حيدر پنھنجي شاعري ۾ تخلص طور به استعمال ڪيو اٿس. سنــدس پيدائش 7 آڪٽوبر 1907 ۾ ڳــــوٺ بکو ديرو تعلقو ڏُوڪري ضلعو لاڙڪاڻو ۾ ٿي. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ۽ ثانوي تعليم سنـــــــڌ مدرستا الاسلام لاڙڪـــــاڻي ۽ لاڙڪــــاڻي ھاءِ  اسڪول ۾ پڙھيو جتان 1923 ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري سنڌ ڪاليج مان 1927ع ۾ بي اي ڪيائين ، ۽ روينيو کـــاتي جي ملازمت ۾ گـــــھڙيو ڪجھ وقت کانپوءِ مُختيار ڪار ٿيو. 1931ع ۾ جڏھن بدين جو مختيارڪار ھو تڏھن ڪـــتاب «تحفه ســــــنڌ» شاعري جو لکي چَـــــپرائين جنھن ۾ علام اقبال جي طرز تي شِــــڪوه ۽ جوابِ شِــــڪوه جيئن علام اقبال جي شاعري جو مشھور حـــــصو آهي انھيءَ طرز تي ھـــــــڪڙو شعر لکيو ســـــنڌي ۾، جنھن جي ســـــنڌ جي يا پاڪســــــــتان جي مذھبي ڌريـــــن ۽ مولوي حَــــــضرات مخالفت ۽ تنقيد ڪئي ۽ وڏا الــــــزام ھنيا ۽ ساڳئي وقت انھي ڳالھ جي ڪري ئي وري سيڪيولر ۽ ترقي پســــند ماڻھن جيڪي ھئا انھن ۾ وري حيدر بخش جتوئي جو نالو ڪافي پذيرائي حاصل ڪرڻ لڳو. ۽ بطور پاڻ مختيارڪار ڊگھڙي، بدين ، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڏوڪري ۾ مختيارڪار رھيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ ھڪ دفعي تحرير ۾ لکيو ته جڏھن مختيارڪار ھو انھي دؤر ۾ 1930ع جي عرصي ۾ سندس ڳوٺ ۾ آيو ھو ته تڏھن اھو دؤر ھوندو ھو جيڪي ماڻھو ڍَل نه ڏيندا ھئا تہ مُــــختيارڪار زميـــــــنون ضَــــبط ڪندا ھئا مال ضبط ڪندا ھئا انھيءَ وقت ۾ بہ حيدر بخش جتوئي منع ڪــــئي پنھنجن ڪارندن کي تہ ماڻھن جون زمينون ۽ مال ضبط ن ڪندا ڪريو يعني ته ھو ماڻھن کي، مزدورن کي ۽ ھيٺين طبقي جي ماڻھن کي تنگ ڪرڻ جي حـــــق ۾ ن ھو. ھو ھڪ ئي وقت تي بھترين شاعــــر ھو، سياستـــــدان ھو، دانشــــور ھو ۽ بھترين منظم تنظيم ڪار ھو. زميندار طبقي جي ظُــــلم، عياشي، عوام دشمني، ڪامُـــــورن جي رشوت خوري، خود مَـــطلبي، چاپلوسي، انگريز سرڪار سان وڙھندڙ نوجوانن لاءِ سرڪار جي بي رُخـــــي ظلم تشدد واري بي رحـــــــم پاليسي، مولوين ۽ مذھبي ڌرين پاران مَـــــذھب جي تنگ نظر پاليسي اھي سڀ اھڙا عمل ھئا جن ھن حساس دل ماڻھو کي تمام وڏو اثر ڪيو.

مختيارڪار کان ترقي ڪندو ڊپـــــــٽي ڪليڪٽر ٿيو انھي دؤر جو ڊپٽي ڪليڪٽر جيڪو انگريز سرڪار ۾ معني بادشاھ ھو ضلعي جو، انھيءَ وقت ۾ ضلــــــــعا وڏا ھوندا ھئا. ڊپٽي ڪليڪٽر جي دؤر ۾ نوڪري چڏڻ جو سوچيو ۽ ڪجھ دوستن منع بہ ڪئي ۽ توھان سمجھين سگھون ٿا تہ اڄ 2024ع ۾ ماڻھو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز، وزيرن جون چاپلوسيون خوشامديون ڪن ٿا لکين روپيا رشوتون ڏين ٿا پر ھـــــي 1943 جي ڳالھ آھي جڏھن حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪلـــــيڪٽر ھو ضلعي جو ڊي سي ھو. انھي وقت به نوڪري چڏڻ جو فيصلو ڪيو ته آئون اھڙي نوڪري نٿو ڪري ســــــگھان اھو انھي جي ضَـــــــــــمير جو آواز ھو انھي وقت ۾ ٻ وڏيـــــــــون سياسي جماعتون پوري نـــــــــنڍي کنڊ ۾ ھيون ھڪڙي آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ٻئي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، ھُـــــــو جيڪڏھن چاھي ھا تہ ٻنھي مان ڪيئن به ھِــــڪ ۾ شامل ٿئي ھا ۽ انھي وقت ۾ وڏيون رعايتون ۽ عـــــھدا وٺي ھا. پر ھو انھن ۾ شموليت جي بدارن سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ شموليت ڪئي. ھاري ڪاميٽي جو بنياد سائين جي ايم سيـد، بابا جيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنــــــڌي، جمشيد مهتا ۽ ٻين سنــــــڌ جي اڳواڻن 1930ع ۾ وڌو. انھي جي آفيس ٽنڊوڄام ۾ ھوندي ھئي پر جڏھن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي کي چڏي ۽ ســــــــــــنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو تہ حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي اتي جڳهه وٺي رھيو ۽ ھفتيوار ھاري حقدرا اخبار ڪــــــــــڍڻ لڳو ۽ آفيس بہ اتي حيدر چوڪ تي قائم رھــــــــــي. سندس مَـــــــــحنت، ثابت قدمي ۽ خُـــــــــلوص جي ڪري ۽ تنظيم ڪاري جي صلاحيت جي ڪري تمام جلد سنــــــڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر منتقب ٿيو ۽ پاڻ ٻ ٽئي دفعا سنڌ جي اليڪشن به وڙھيو پر انھن ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو ڇاڪاڻ تہ انھي وقت ۾ 1950 ۽ 1960 جي ڏھاڪي ۾ اڄ جي دؤر وانگي اليڪشنون نه ٿينديون ھُـيون جئين ته اڄڪلهه آھي تہ بابا بالغ ٻار ٿي ويو ووٽ ڏئي سگھي ٿو ووٽر آھي. انھيءَ دؤر ۾ ائين نه ھو انھيءَ دؤر ۾ ووٽ جو حــــــق صرف انھيءَ ماڻھن کي ھو جيڪي ڍَل ڏيندڙ ھئا زميـــــــندار ھجي يا ڪارخانـــــيدار ھجي يا ٽئڪس ڏيندڙ ھجي تنھن جي ڪري صُــــــرف اھي ئي ووٽر ھوندا ھئا تہ اليڪشن ۾ جڏھن ھي بيٺو پئي تہ ظاھر آھي تہ سنـــــــــڌ ھاري ڪاميٽي جو اڳـــــــواڻ ھو ۽ ھارين جي حصن لاءِ جھدوجھد ڪري پئـــــــــي ۽ وڏيرا شاهي جي خلاف ھو، سرمائيدارن خلاف ھو، سوشلسٽ خيالن جو ماڻھو ھو ظاھر آھي تہ ان کي ووٽ ڪيئن ملي ھا تنھن جي ڪري ھو ڪامياب ٿي نه سگهيون ان آزادي ۽ قوم جي نالي سان مــــخصوص شعر لکيو جنھن ۾ ان جديد سنــــــڌ جي حالتن کي شاعراڻو طرح سان پيش ڪيو ۽ ون يونٽ جي خاتمي لاءِ سڀ کان اڳڀرو رھيو انھي جھدوجھدن جي نتيجي ۾ وڏو عرصو جيلن ۾ رھيو بلوچستان جي مَـــــــچ جيل ۾ به موڪليو ويو.

تمام گھڻيون تـــڪليفون ڏٺيون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انھي جي ڪتابن جو ڪجھ تفصيل ھن ريت آھي،  

1)   تحفهِ سنـڌ (شاعري ســــنڌي ۾

2)   آزاديءَ قُـــــوم (شاعري ســـــنڌي ۾

3  ڊيموڪريسي اينڊ دَ جسٽس آف دَ چيف جسٽس

Democracy and the justice of the chief justice

انگلش ۾

4   ھاري انقلاب (ســـــــنڌي ۾ نثر)

5    ھاري گيت (شاعريءَ ســـــنڌي)

6 ھاري ڪھاڻيون (نثر ســــنڌي)   

7     سنــــــــــڌ پياري (شاعري سنـــــــڌي)    

8   ڪمدار جا ڪارناما (سنـــــڌي ۾ نثر)

9   Injustice to Sindh two parts

انگلش ۾

10   let us save Pakistan two parts

انگلش ۾

11   peasant’s rights petition

  انگلش ۾

12   bell to amend Sindh tenancy act

انگلش ۾

13   Sindh assembly election petition

انگلش ۾

14  democracy and dictatorship in Pakistan four parts in 1956

انگلش ۾

15   Shal Sindhi language stay in Karachi or not 1957

انگلش ۾

16   unjust land assessment rates

انگلش ۾

17   one unit and democracy 1960

انگلش ۾

18   disposal of acacuee property  1957

انگلش ۾

19   Review on Quran

انگلش ۾

20   disposal of lands of Guddu barrage

انھي ڪتاب ۾ جيڪي نوان بئراج ٺاھيا ويا جنھن ۾ ڪوٽڙي بيراج ۽ گڊو بئراج ۽ پوءِ انھن مان ڪينال ڪڍي انھن تي زمينون ٻين ڌارين آبادڪاري وارن کي ورھائي ڏنيون ويو ته انھي مسئلي تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وڏي ويڙھاند ڪئي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنھن ڪيترائي ڪتاب، شاعري، ڪالم ۽ ڪتابچا چپائــــيا جنھن جي ڪري ان سزا بہ کاڌي ۽ جيلن ۾ بہ ويو. انھي بھادر اڳواڻ طويل عرصو جِــــــيلون ڪاٽڻ کان پوءِ گھڻو بيمار بہ ٿيو ون يونٽ جڏھن پھريون دفعو اپريل 1970 تي ٽٽڻ جو اعلان ٿيو تہ پاڻ بيماري جي بستري تي ھو ۽ خوشي وچان ھي شعر چيائين تہ،

اجھا اجھا عيد آئي اجھا اجھا عيد آئي

ٿئي ســـــنڌين جي پنھنجن جي آخر رَعائي

ٿئي حقدار سنڌين جي اڄ حَـــــق رسائي

مبارڪ مبارڪ سَدا سنـــــڌ سائي

ڏکيا ڏينھن اھڙا اسان لاءِ ن ايــــــندا

۽ زندان زنــــجير سڀ ناسَ ٿيندا

ھُــــــو بندوق تُــوپن جي ٺاھَ ٺاھَ چڏيندا

ڪيو جن ٿئي ســــنڌ کي بيٺڪ سَــــڻائي

اجھا اجھا عيد آئي اجھا اجھا عيد آئي.

۽ نيٺ ڪامــــريڊ حيدر بخش جتوئي 21 مئي 1970ع تي جھان چڏي ويو کيس سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڀرسان ڪلھوڙو ڪالوني ۾ آزاد ســـــــنڌ جي حڪمران ميان غلام شاھ ڪلهوڙو جي مُـــــقبري جي ٿلھي تي دفنايو ويو. دوستو اتي آئون اھا ڳالھ واضح ڪندو هلان ته جيئي سنـــــڌ جو نعرو انھي جي تخليق يا ايجاد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جن جي آھـــــي. انھي جي شاعري مان اھو نعرو کنيو ويو آھي انھي جو ھڪڙو مشھور شعر آھي تہ،

جيئي ســـــــنڌ جيئي ســـــــنڌ

جام مُـحبت پيئي سنــــــڌ

آئون انھي جو ڪجھ سٽــــــــــون توھان کي پڙھي ٻڌايو ٿو،

تُــــــون تي سنـــــــڌ ھزار سلام

خوش رھون باغ بھار مدام

خوش رھون خدا بھارام

جيئي سنـــــڌ جيئي ســـــنڌ

ڀاءُ آھي اسان جو ھر انسان

پنھنجو آھي ھي ايـــــــــمان

پنھنجو آھي ھي اســــــلام

جيئي ســـــــنڌ جيئي ســـــــنڌ

جيئي ســــنڌ جيئي ســـــنڌ جام مُــــحبت پيئي سنـــــڌ

خاص ۽ عام پيئن ھي جَـــام

جيئي ســـــــنڌ جيئي ســـــــنڌ

ھي طَــويل نظم آھي انھي جو آخري ستون آھــــن،

سُـــــڻ ھي حِــــيدر جو آواز

آواز آھي ڇا انــــداز

آواز آھي يا الـــــــــھام

جيئي ســـــــنڌ جيئي ســـــــنڌ

انھي نــــظم کي جيجي زرينه بلوچ پنھنجي خوبصورت آواز ۾ تمام مَـــــن وڻندڙ ڌُن ۾ ڳايو آهي. نوجوانــن کي اھو ضرور ٻڌڻ گھرجي. دُوستو حيدر بخش جتوئي جي اھا شخصيت جنھن نه رڳو ســــــــنڌ جي ھاري حقن لاءِ، سنــــڌ جي طبقاتي سوال کي جھدوجھد ۾ کنيو پر ون يونٽ جي دؤر ۾ سنــــــــڌي ٻوليءَ جي حوالي سان، ســــــــنڌ جي حقن جي حوالي سان، ڌاري آبادڪاري جي حوالي سان ســــــــنڌ جي قومي مسئلن کي بہ کنيو ۽ ســـــــنڌ جي قُــــــــومي جھدوجھد بہ ڪئي، طبقاتي ۽ قُــــــــومي جھدوجھد جي انھي ڳانڍاپي جي ڪري سنــــــڌ جي عوام انھي کي باباءِ ســـــنـڌ جو خطاب ڏنو. ھو پاڻ سوشلسٽ خيالن جو ماڻھو ھو پــــر ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ن ھو. ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي تہ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ھو پر اسان کي اھڙي ڪابه شاھدي ناھي ملي. ھا البتا چِــــــــيني ڪميونسٽ پارٽي سان انھي جا تعلقات ھئا انھيءَ سان مُــــــلاقاتون بہ ھيون اھڙيون شيون ريڪارڊ تي رکڻ جھڙيون آھن تہ ڊپـــــــٽي ڪليڪٽر جو عھدو چڏڻ ھاري حـــــقن لاءِ جھدوجھد ڪرڻ، طبقاتي ۽ قُــــــــومي جھدوجھد کي گڏ کڻي عَــــدم تشدد ۽ پُــــــرامن جي سياسي بنياد تي انھي کي اڳتي کــــڻي اچڻ پاڪستان جي اندر مارشل لا جي مُـــــــخالفت ڪرڻ ۽ ايوب خان جي مارشلا جو وڏو مُـــــــــخالف ھو. جمھوريت جي دعويداري ڪرڻ ۽ ھِــــــــندن جي جيڪا لڏپلاڻ ٿي انھن جي ملڪيتن جو پائمال ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ھئـــــي.

حيدر بخش جَـــــــتوئي جو ســـــنڌ جي حقن جي حوالي سان، ھـــــــاري جھدوجھد جي حوالي سان تمام ھڪ وڏو ڪردار آھي 21 مئي تي انھي جي ورسي آھي. انھي کي خراج عـــــــقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ھي مون پنھنجا ڪجھ خيال پيش ڪيا آھن آئون گذارش ڪندس سنڌ جي نوجوانن کي ت ســـــــنڌ جي انھي سطح وارين ھستين جي جھدوجھدن کي، ڪُـــوششن کي ضرور پنھنجي نظر مان ڪـــــڍن ھي اسان جي اُتساھ جا ذريعا آھن.

ڊاڪــٽر مـير عالم مَـري

What do you think?

Your email address will not be published. Required fields are marked *

No Comments Yet.