ساھڙ مون جيئن سرتيون..سلسلو..
ساھڙ مون جيئن سرتيون..سلسلو..
سائين جي ايم سيد جون خوبيون. قسط..ڇھين… سيد باغي ۽ انقلابي ھو..
ڪافي سال اڳ۾، ٽنڊو محمد خان جي ھڪ ڪارڪن مون کان سوال پڇيو..ت.. بغاوت ۽انقلاب ۾ مختصر لفظن ۾ فرق سمجھايو..
مون انکي جيڪو جواب ڏنو ھو…پڙھو ..ڪامياب بغاوت کي انقلاب ۽ ناڪام انقلاب کي بغاوت چئي سگھجي ٿو …بغاوت ۽انقلاب جي وصف ۽ وضاحت ۾ ڪافي ڪجھ چئي سگھجي ٿو پر مختصر لفظن ۾ ايترو ئي چئي سگھجي ٿو
..ت…سيد، ھڪ باغي ھو . منھنجي ڄاڻ موجب..جيڪو ب ماڻھو باغي ٿئي ٿو .انکي ھڪ ئي وقت تي چئن مخالف قوتن جي خلاف جدوجھد/ بغاوت ڪرڻي پوندي آھي..ھڪ.. پنھنجي ذات،ذاتي پرورش، ماحول،موروثي خيالن جي خلاف بغاوت ڪرڻي پوندي آھي … ٻيو… پنھنجي خانداني، طبقاتي مفادن ۽ رجحانن خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي آھي…ٽيون …پنھنجي قبيلي، معاشري ۽ قوم جي غلط رجحانن خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي آھي . چوٿون … سڄي دنيا جي ظلم، غلط ڪارين، ڏاڍ خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي آھي..پر ھتي.. باغي ۽ انقلابي جو فرق وڌيڪ واضع ڪرڻ، ضروري بڻجي پوي ٿو ت باغي فقط…مٿي بيان ڪيل چئن يا انھن چئن مان ڪجھ رخن جي خلاف جدوجھد ڪندو آھي.. بيشڪ ائين ڪرڻ وقت باغي جي ذھن ۾ موجود منفي رجحانن جي خاتمي جو ت شعور واضع ھوندو آھي پر ھڪ باغي وٽ،.. منفي رجحانن جي بدلي مثبت خيال يا نظريو ھجي ب سگھي ٿو ۽ نٿو ب ھجي سگھجي…پر ھڪ انقلابي …باغي ت لازمي ھوندو آھي پر ان وٽ بغاوت کانپوء..ھڪ نئون انسان بڻجڻ،نئون انسان بڻائڻ،نئون سماج بڻائڻ ۽ ھڪ نئين ۽ بھتر دنيا بڻائڻ جي لاء ھڪ بھترين نظريو ب ھوندو آھي… ٻين لفظن ۾ ھيئن چئجي ت ھر باغي، انقلابي نٿو ٿي سگھي پر ھر انقلابي… باغي لازمي طور تي ھوندو آھي…ت سيد، سنڌ جو صرف باغي ن ھو پر ھو سنڌ جو انقلابي ب ھو..ھن وٽ فقط ڊاھڻ جو تصور ن ھو پر موجود، مدي خارج، معاشري کان وڌيڪ بھتر معاشرو ۽ نظام ٺاھڻ جو ب ھڪ مڪمل تصور ۽ نظريو ھو..جنھن سان اختلاف ت ڪير ب رکي ٿي سگھيو پر انڪار ڪو ب نٿي ڪري سگھيو …اچو..ت ھڪ باغي ۽ ھڪ انقلابي جي ڪسوٽي تي، سيد جي شخصيت جي پرک ڪجي … مون جيئن چيو..ت ھڪ باغي يا انقلابي..کي ھڪ ئي وقت تي..چئن مختلف رجحانن ۽ طرفن خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي آھي..۽ سيد ب انھن چئن ئي رخن ۾ جدوجھد ڪئي..پھريون… پنھنجي ذات،موروثي خيالن خلاف…. جيئن حضرت ابراھيم پنھنجي بزرگن جي دين ۽ عقيدن خلاف.. جيئن حضرت محمد، پنھنجي بزرگن جي نظرين، عقيدن خلاف .۽ دنيا جي…جيئن ھر عظيم ۽ ڏاھي انسان..پنھنجي ذات جي نفي ڪئي، موروثي عقيدن، رجحانن، خيالن کي جيئن جو تيئن قبولڻ کان انڪار ڪيو تيئن..سائين جي ايم سيد ب پنھنجي ذات جي نفي ڪئي، موروثيتي خيالن، عقيدن کي جيئن جو تيئن قبولڻ کان انڪار ڪيو..سيد، مدرسي ۾ بنيادي تعليم ضرور حاصل ڪئي پر ھنجو مزاج،سوچ جو معيار ۽ طريقو باغياڻو ۽ انقلابي ھو..ھو شاھ حيدر ثنائي جو گادي نشين ضرور ھو پر ٻين پيرن ۽ گادي نشينن وانگر، ھن پنھنجن مريدن کان ڏن وٺڻ، ڌاڳا ۽ ڦيڻا وٽي ڏيڻ، استخارا ڪڍڻ، جتيون کڻائڻ، برابر ۽ سامھون ن ويھارڻ، مريد ۽ ماتحت سمجھڻ جھڙي ھلندڙ رواج خلاف بغاوت ڪئي.. ٻيو … ھن پنھنجا طبقاتي مفاد ترڪ ڪري ڇڏيا .جن۾ ڌن ۽ ملڪيت گڏ ڪرڻ، گھڻيون زالون پرڻجڻ، سريتڻيون رکڻ، عياشيون ڪرڻ، لئي، ٺٺ ٺانگر ڪرڻ، شراب، شڪار،اجايا خرچ ڪرڻ وغيرا شامل ھئا..سيد انھن سڀني مروج ۽ موروثي رجحانن کي غلط سمجهي..انکان پاڻکي پري رکيو ۽ پنھنجن ڪارڪنن کي ب پري رھڻ جي تلقين ڪندو رھيو ..سندس ھمعصر پير وڏيرا، مطلق جاھل ھئا پر سيد تمام وڏو عالم ۽ دانشور ھو…ٽيون… ھن سنڌ جي معاشري تي سڀ کان وڌيڪ ۽ سخت تنقيد ڪئي ۽ جن ڳالھين تي سيد تنقيد ڪئي..انھن تي رڳو تنقيد ن ڪئي پر عملي طور تي پاڻ ائين ڪري ب ڏيکاريو.. ھتي آئون ان نقطي کي سمجھڻ لاء ڪجھ مثال پيش ڪريان ٿو …نياڻين جي تعليم… سنڌي معاشري ۾ ان وقت نياڻين/ عورتن جي تعليم کي چڱو ڪم ن سمجھيو ويندو ھو..انڪري نياڻين کي پڙھايو ئي ن ويندو ھو .وڌ ۾ وڌ..گھر اندر..قرآن پڙھائڻ يا سنڌي جا ٻ،ٽي درجا پڙاھيا ويندا ھئا..سيد…ان رجحان تي ن رڳو سخت تنقيد ڪئي پر عملي طور تي پنھنجي نياڻي..در شھوار سيد کي اعلا تعليم پرائڻ جي لاء لنڊن ب موڪليو ۽ جيجي درشهوار شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي پي ايڇ ڊي ڪئي… ٻيو…غريبن کان نفرت ڪرڻ… ان دور جي ميرن،پيرن،وڏيرن ۽ رئيسن ۾ اھو عام رواج ھو ت اھي پاڻ کان ھيڻي ،ڪمزور ۽ غريب ماڻھو کي پنھنجي ويجھي اچڻ جي اجازت ئي ن ڏيندا ھئا..پنھنجي سامھون ويھڻ، ڪرسي تي ويھڻ جي اجازت ن ڏيندا ھئا..ھٿ ن ملائيندا ھئا..منجھن..فخر،نفرت ۽ وڏائي جو احساس ھو… سيد…ن رڳو اھڙن رجحانن جي خلاف سخت تنقيد ڪئي پر عملي طور تي پاڻ غريبن، ڪارڪنن سان گڏجي ويھڻ،گڏجي کاڌو کائڻ جھڙن طريقن کي زور وٺايو..سن ۾، سيد جي دسترخوان تي…امير يا غريب،ڪارڪن يا اڳواڻ، ھندو يا مسلمان..سڀ گڏ کائيندا ۽ پيئندا ھئا.. منجھن رنگ،نسل،ذات،دولت،ٻولي،عقيدي يا عھدي جي بنياد تي ڪو ب فرق ن ھو..اھو دسترخوان..جھوڪ ميرانپور جي شاھ عنايت جو ھو ۽ جنھن لاء مرشد ڀٽائي چيو ھو.. جي آئيا..سي سگھيا …ٽيون…ان وقت پنجاب، سنڌ، بلوچستان وغيرا ۾ سياست موروثيتي ھئي..اڃان ب ائين آھي…مثال..مسلم ليگ يا پيپلز پارٽي، خان عبدالغفار خان يا نواب خير بخش مري جو سياسي خاندان وغيرا..جنھن ۾ ليڊر جي ھوندي يا انکانپوءِ پٽ يا ڌي کي ئي پارٽي جو عھدو سنڀالڻو آھي..يا تاحيات..عھدي تي رھڻو آھي.. پر سائين جي ايم سيد اھي ٻئي ڪم ن ڪيا.. يعني مرڻ گھڙي تائين چيئرمن/عھدي تي رھڻ ۽ پاڻکانپوء پنھنجي پٽ کي جانشين ليڊر بنائڻ..سيد، جيئي سنڌ ھلچل جو رھبر ھو..اھو علامتي عھدو ھو..اھو ب سيد جي مطالبي تي کيس رھبر قرار ن ڏنو ويو..پر وقت ۽ حالتن جي ضرورت تحت،ڪارڪنن جو فيصلو ھو..عملي طور تي عھديدار يا چيئرمن ڪو ٻيو چونڊيو ويندو ھو..۽ موروثي سياست جي ت سيد،بلڪل خلاف ھو…جڏھن کانئس پڇيو ويو ت توھان کانپوء قومي تحريڪ جي قيادت ڪير ڪندو؟ ت سيد جو جواب ھي ھوندو ھو ت ….اھو قيادت ڪندو جيڪو نيڪ ۽ صالح ھوندو ..ن ت امير حيدر شاھ يا امداد محمد شاھ جو نالو نامزد ڪري پئي سگھيو..(اڄ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ت..جنھن خانداني،موروثي عھدي کي، سياست ۾، سائين جي ايم سيد..ختم ڪرڻ پئي چاھيو ..ان غلط رسم کي.. بشير قريشي جي پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، پنھنجي پارٽي ۾ آصف بالادي ۽ نياز ڪالاڻي جي تجويز تي لاڳو ڪري ڏيکاريو ۽ تجويز ڏيندڙ ٻئي صاحبان…آصف بالادي ۽ نياز ڪالاڻي..موروثي قيادت ھيٺ، ڪنڊائيتا آھن ۽ پارٽي اندر ڪيترن ئي سالن کانوٺي، نمائشي ئي سھي پر جمھوري عمل.معطل لڳو پيو آھي) . چوٿون…سيد، سنڌ جي معاشري تي تنقيد ڪئي، انجا ڪمزور پاسا بيان ڪيا ۽ انھن ڪمزورين کي ختم ڪري صحتمند معاشري قائم ڪرڻ جا ن رڳو سائنسي حل پيش ڪيا پر خود انتي ھلي ب ڏيکاريو… چوٿون/ آخري.. سيد رڳو سنڌ ن پر سڄي دنيا اندر ٿيندڙ ظلم،ڏاڍ خلاف آواز اٿاريو..ھن عالمي ۽ علائقائي طاقتن، انھنجي صفبندين تي ب ڪم ڪيو…پر اھو سڀڪجھ ڪندي…سيد..سنڌ جا بنياد ن ڇڏيا .. سيد، ڪميونسٽن وانگر مارڪس ۽ لينن جي ھر لفظ تي اکيون ٻوٽي، مقامي حالتن کي نظر انداز ڪري،لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ن ڪئي.. رسول بخش پليجي وانگر ھوچي منھ ۽ مائوزي تنگ جي رڱ م،سنڌ کي رڱڻ جي انڌي پوئلڳ واري ڪوشش ن ڪئي . سيد، مذھب پرستن وانگر،،اسلام جي نالي ۾ عرب ڪلچر کي سنڌ مٿان ٿاڦڻ جي ڪوشش ن ڪئي…سيد وٽ،جنھن سنڌ جو تصور ۽ نظريو ھو..اھو ٻولي، عقيدي جو محتاج ن ھو. اھو ڪنھن ب ازم جي انڌي پوئلڳي وارو ن ھو..جنھن۾ سنڌ جي مقاميت ھئي،تاريخ جو شعور ھو ۽ جذب پذيري وارو سيڪيولر، جمھوري،امن پسند ۽ انسان دوستي وارو ڪلچر ھو..جيڪو، صوفين جي قول موجب .. خذ ما صفا…دع ما قدر…ھر سٺي ڳالھ کي پاڻ سان گڏ کڻڻ ۽ ھر خراب ڳالھ کي ڪڍي ڇڏڻ وارو ھو…قومپرستي،جمھوريت ۽ سيڪيولرزم جا اصطلاح کڻي جو مغرب جا ھئا پر انجو تاثر ۽ تشريح سنڌ جي مقامي حالتن موجب ھئي ۽ سوشلزم جو اصطلاح ت ڀلي سنڌ جو ن ھجي پر معاشري ۾ دولت جي انصاف ڀري ورڇ جو انداز،چيني،روسي،ڪيوبن يا ويٽنامي ن ھو بلڪ ان۾ ب سنڌيت جو عڪس ھو..جنھنجي ھڪ طرف شاھ عنايت جي جھوڪ جي روايت ھئي ت ٻئي طرف پرولتاري آمريت جي نالي ۾ پارٽي آمريت مڙھڻ کان انڪار شامل ھو … ٻين لفظن ۾…ھو صوفي ۽ عدم تشدد جو حامي ھو…صوفي ازم تي ڪنھن مناسب وقت تي لکبو…باقي..ايندڙ قسط ۾ عدم تشدد جي سوال تي لکبو… (ھلندڙ)..